اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ??لڪ?? جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ جو پريهي وزير ??يولوت چاوش اولو اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي معزز پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ??لڪ?? جا پرڏيهي وزير ??ڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پ??رليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.