اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ عوامي جمهوريه ??ين جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو وزيراعظم هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي ??ين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ??ين جي ناظم الامور زور ڏنو ته ??ين وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو ??ين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. ??ين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ??ين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت اعزاز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پاڪس??ان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پاڪس??ان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي ??ين پاڪس??ان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ??ين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور ??ين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪس??ان ۽ ??ين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته ??ين سان دوستي پاڪس??ان ۽ ??ين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ ??ين پاڪس??ان جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. وزيراعظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.