اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چي??لز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي، پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي مي??بر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چي?? ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چي?? ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آهي ته جيئن ڪو به اهڙو مواد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هو??دي آهي، ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن چي?? ته پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چي??لز کي جنهن مواد تي جيترو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ڊيٽا مي??برن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمبلي مي??بر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي ط??ر تي ڏسنديس. قومي اسيمبلي مي??بر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو اهڙو مارننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي ط??ر تي ڏسنديس. هن چي?? ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارننگ شوز کي مي??زيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.