اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ت?? وز??راعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال م??مل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وز??راعظم هدايت ڪئي آهي ت?? قيام پاڪستان جا 75 سال م??مل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي ت??ريبن جي طرز تي سڄي مل?? ۾ ??وم تڪبير قومي جذبي سان ملهايو وڃي. وز??راعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي ت??ريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، يوم تڪبير تي قومي ت??ريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وز??ر چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قياد?? ۾ ??اڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو هو، هاڻي معاشي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير ج??ن تقريبون منعقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي انهن تقريبن جو حصو بڻايو ويندو، وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي ت??ظيمن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ت?? هو ان قومي ڏينهن کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ت?? يوم تڪبير لاءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي ت??ريبن ۾ پنهنجو حصو وجهي.