اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آ??اد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي آ??اد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معاملن کي جلد کان جلد اڪلائي. هن ان ??لس??ي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آ??ڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.