راولپنڊي – 11 8211; آگسٽ (اي پي پي) پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي سلسلي ۾ ڊرامو ”اسان جي سڃاڻپ پاڪستان“ پيش ڪيو ويو. ڊرامي ۾ موجوده دور جي نوجوان نسل کي پاڪستان جي آزادي جي بي قدري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر آرٽس ڪائونسل وقار احمد جو چوڻ هو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، دنيا ۾ هر قوم پنهنجي قوميت تي فخر ڪري ٿي، نن??ي کنڊ جي مسلمانن سالن جي جدوجهد ۽ هجرت جي وقت ??کين جانين جا نذرانا ڏئي هن ملڪ کي حاصل ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد سليمان جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ 1947ع تي نن??ي کنڊ جي مسلمانن کي جدا رياسيت نصيب ٿي جتي اهي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذاري سگهن.