ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل سروي جي ضرورت آهي ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد ??نه?? متاثرين تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري متاثرين جون جائز ضرورتون پوريون ڪري، وفاقي حڪومت متاثرين جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي. ??زي??اعظم ڊيره غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ??زي??اعظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پهچڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئ??. ا?? موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري ادائيگي جاري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن جي گڏيل سروي ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لاءِ آ??مي چيف سان ڳالهه ٻولهه ٿي آه??. ا??ي به ??نه?? جي معاونت ڪندا. ان گڏيل سروي جو مقصد اهو آهي ته حقدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان کان محروم نه رهي. هن چيو ته گڏيل سروي تمام فائديمند هوندي، ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته عوام جو پئسو ڪنهن جي جاگير نه آهي، اهو پئسو ??نه?? تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ??زي??اعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿ??نه??ن ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بريفنگ دوران ??زي??اعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو متاثرين جا جائز مطالبا حل ڪري. هن چيو ته سروي کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لاءِ هر جڳهه تي گڏيل سروي جي هدايت ڪئي آه??. ا?? موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به ??زي??اعظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر اويس لغاري به ??زي??اعظم کي متاثر علائقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم کي اتي ٻوڏ متاثرين جي جاري مدد تي تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تباهه ٿيا. ??زي??اعظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪئي.