اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ک??ن متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدادي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. تر??ما?? چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پاڪستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ويا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ ک??ن متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي پهريون جهاز پاڪستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد جي پهرين جهاز جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر ??نرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. تر??ما?? پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سام??ن موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.