اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن جو ??يون ٻن ڏينهن وارو سيم??نا?? (اڄ) اڱاري کان پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مهمانن جي آجيان، انهن جي لاءِ قومي اسيمبلي هال ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ سميت سڀني انتظامن کي حت??ي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي نمائندن لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ داخلا جي حوالي سان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پي آر اي جي مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران قومي اسيمبلي جي 43 هين سيشن جي لاءِ جاري ڪارڊز ڪارائتا هوندا. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ رهندڙ فارن ميڊيا جي نمائندن، ايڊيٽرز، بيورو چيف، اينڪر پرسنز ۽ ڪالم نگارن کي جن جون ايس ڊي جيز تي لکڻيون آهن ۽ انهن وٽ قومي اسيمبلي جي 43 هين اجلاس جا ڪارڊز موجود نه آهن کي خصوصي ڪارڊز ذريعي گهرايو ويو آهي. سيم??نا?? جي افتتاحي تقريب 13 سيپٽمبر صبح 10 وڳي قومي اسيمبلي هال م ٿيندي جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هوندو. سيم??نا?? جي پڄاڻي واري تقريب 14 سيپٽمبر ٽپهر 3 لڳي 15 منٽن کان 4 وڳي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي. ان کانسواءِ ان ٻن ڏينهن واري سيم??نا?? ۾ مختلف موضوعن تي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. ايس ڊي جيز تي آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ميمبر ملڪن کي ان سيم??نا?? جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي تباهين ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي موسمياتي تبديليون آهن جنهن سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي.