اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست ??راج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چي?? ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته قوم عظيم شاعر ۽ مفڪر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چي?? ته اڄ جي ڏي??هن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.