منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ م??صو??ي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي م??صو??ي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سا?? پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ م??صو??ي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سا??انو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. م??صو??ي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سا?? جاري ان م??صو??ي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خا?? معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.