اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چشمه رائٽ بينڪ ڪينال جي ب??ا،?? چشم رائٽ بينڪ ڪينال ل??ٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم ٽ??نڪ زام ڊيم جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکندو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدل خيل 132 ڪي وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشنز جو افتتاح پڻ ڪندو. وزيراعظم سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو ??يڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم جي دوري دوران پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو افتتاح پڻ ٿيندو. وزيراعظم گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. وزيراعظم ان حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.