اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ??ردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ ??هم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آهن، اختلاف راءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ??ه انهن جي ??ردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما ??هم رڳو عورت هجڻ جي ??ري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي ??ڪيون آهن، اهڙي بي هودگي انهن جي ??اميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.