اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو ويو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? چيو ته قرآن جي توهين جو عمل جا??لاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سب?? چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جو عمل آهي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي سطح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صد?? چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک پهچايو آهي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪري ٿو. صد?? چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ ا??تهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.