اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستاني قوم اڄ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪشم??ري?? جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي ب??ادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشم??ري?? سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته پاڪستان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي ب??ادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪشم??ري?? جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشم??ري?? جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشم??ري?? جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ مخ??لف حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪشم??ري?? جي آزادي واري جدوجهد ۾ حمايت ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿو??ا مڃيا. هن چيو ته عالمي ب??ادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشم??ري?? خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.