اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آ??يس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد ه??ا، کي آزاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب پرڏ??هي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراه?? ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي خوشي آ??ي ته اهي پاڪستاني شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.