اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مف?? اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستحق ماڻ??ن کي فراهم ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪ??تا??ي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستحق ماڻ??ن کي ريليف ۽ اٽي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مف?? اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وزيرا??ظم تاڪيد ڪئي ته مستحق ماڻ??ن کي فراهمي ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪ??تا??ي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مف?? اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن کي اٽي جو تحفو ڏنو ويندو. مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪري اٽي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پنجاب خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.