اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ته فوتي جي موت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي م??تس?? جا حڪم برقرار رکندي چيو ته ??سٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، م??تس?? بجا طور تي فيصلو ڪيو ته ??ڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ته ??سٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي ??ولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، ??پورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته ??فيسر فوتي پاليسي ??ولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??يئن ته ??دانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ??يحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي م??تس?? سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف م??تس?? جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته ??در حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.