بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراق جي حڪمت پ??رٽي جي صدر عمار حڪيم سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي ??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطا ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي لاڳاپن جي فروغ لاءِ سياسي رابطا انتهائي ضروري آهن.