اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ سڌارن کي ??جيٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪري مرحليوار متبادل ذريعن سان بجلي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃ??، بجلي جي لائيف لائين ۽ گهٽ کپت وارن صارفين تي بلن جو گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. هن اها هدايت توانائي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناليوارن صنعتڪارن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??وانائي شعبي جي سڌارن ۽ بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ان حوالي سان شامل ڪيل منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ گير جاري سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي بڊنگ جا چار مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي عمارتن کي ??مسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي ??رآمدي صنعتن کي ??نا رڪاوٽ گئس ۽ بجلي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدمن بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن قدمن کي ??تمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ موثر قدم شامل ڪيا وڃن، ايندڙ بجيٽ ۾ ونڊ ۽ شمسي توانائي جا منصوبا شامل ڪيا وڃن، پاور ٽرانسميشن جي منصوبن کي ??لد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، لائين لاسز ۽ بجلي جي چوري جي خاتمي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ٽرانسفارمر ميٽرنگ منصوبي کي ??امل ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ جاري سولرائيزيسن جي منصوبن جي رفتار کي ??يز ڪيو وڃي، برآمدي صنعتن جي ترجيحي بنيادن تي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃ??، بجيٽ ۾ پن بجلي جي جاري منصوبن کي ??لد مڪمل ڪرڻ کي ??رجيح ڏني وڃي.