نيويارڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر) اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته اتر لبنان ۾ اها 4 منزله عمارت هئي ج??هن تي حملو ٿيو ، ج??هن ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته ا??هن سببن کي ذهن ۾ رکندي اسان کي عالمي انساني قانون جي حوالي سان حقيقي خدشا آهن، ت??هن ڪري جنگ جي قانونن، اڻبرابري ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي او ايڇ سي ايڇ آر ان واقعي جي فوري، آزاد ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. گذريل ڏي??هن اسرائيل جي ان فضائي حملي ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن. آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان ۾ فوتگين جو انگ هن وقت تائين 2200 کان وڌيڪ آهي. وچ اوڀر لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ??ائريڪٽر ريما جيموس امسيس چيو ته اهو انگ صورتحال وڌيڪ ڊرامائي هجڻ سان وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ هن وقت تائين 1.2 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي امداد واري رابطا آفيس (او سي ايڇ اي (اوچا) خبردار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل سمورا ماڻهو ڏهاڪن کان بدترين انساني بحران کي برداشت ڪري رهيا آهن. اوچا هڪ آن لائن پوسٽ ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي حملا عالمي انساني قانونن جي ??ڃڪڙي آهن. ا??هن کي ختم ٿيڻ گهرجي، شام سان لبنان جي سرحد تي به مايوس ڪندڙ منظرن جا اطلاع مليا آهن، جتي هن وقت تائين 283000 کان وڌيڪ ماڻهو حفاظت جي ??ولا ۾، اسرائيلي فضائي حملن سبب اتر شام ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ا??هن ۾ 70 سيڪڙو شام واسي ۽ تقريبن 30 سيڪڙو لبنان جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف)الاقصيٰ اسپتال جي اڱڻ تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي.