اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ??وس پروگرام جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسي?? الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط ۾ وڌيڪ به??ري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگاهن جي دائري جي سڄي ملڪ ۾ توسي?? جي حوالي سان تجويز ڪيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.