اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ڇو ته اسان امن جي قدر ۽ قيمت ڄاڻون ٿا، پاڪستان گذريل سال ڀ??رتي جنگي جهاز ڪيرائڻ ??ي باوجود ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪر?? ڇڏيو هو ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڀارت کي امن جي آڇ ڪندي واضح طور تي چيو هو ته ڀارت جيڪڏهن هڪ ??دم اڳتي وڌندو ته پاڪستان 5 ??دم اڳتي وڌندو، جنگين جي تاريخ مان اسان کي تباهي، ڦرلٽ ۽ ٻين جي استحصال کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ملي، جنگين سان امن حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ نه ئي ان سان قومن جي نئين سر تعمير ممڪن ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسٽريٽجڪ خطرن ۽ ردعمل تي عالمي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.