اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پمز آئسوليشن س??نٽر جي ڪمرن جو تعداد وڌائي 30 ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي آئسوليشن س??نٽر جو دورو ڪرڻ کانپو??ِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پمز اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ آئسوليشن س??نٽر جا انتظام اطمينان بخش آهن، هن چيو ته آئسوليشن س??نٽر جي ڪمرن جو تعداد 10 م??ن وڌائي 30 ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين س??ولتن ۾ به اضافو ڪيو پيو وڃي.