لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجن??ي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر ??و دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ??انيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ??انيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجن??ي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتم??د آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 ه??ار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 ه??ار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 ه??ار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجن??ي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.