اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڀ??رت?? حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت خ??م ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان ??ي معيشت کي پڻ ت??اهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان ??ي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀ??رت?? وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران ??ان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان ??ڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران ??ي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.