اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) عالمي سطح تي شهريت يافته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام پاڪستان جي تاريخ ۾ وسيع ترين سماجي تحفظ جو ذريعو بڻجي سامهون آيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي غيرمعمولي حالتن ۾ احساس پروگرام معاشري جي ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻايو آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ڪمزور طبقن کي درپيش معاشي مشڪلاتن جو ادارڪ ڪندي مستحق ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ وڪرن کي پهرين اپريل 2020ع تي روڪ مالي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ان پروگرام جو آغاز ڪيو، ان پروگرام تحت هيستائين ڏيڍ ڪروڙ مستحق خاندانن ۾ 180 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن جڏهن ته ادائيگي جو عمل انهن ماڻهن جي لاءِ هاڻي به جاري آهي جيڪي بايو ميٽرڪ جي مسئلن يا مستحقن جي فوتگي جي ڪري اها امداد حاصل نه ڪري سگهيا، ملڪ ۾ افرادي قوت جي جائزي سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ملڪ ۾ 24 ملين اهڙا ماڻهو آهن جيڪي روزاني ڏهاڙي تي يا ٺيڪيداري نظام تحت ڪم ڪندا آهن يا ملڪ جي غير رسمي معيشت ۾ پنهنجي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن، جڏهن انهن جو تعداد کي خاندانن جي سائز سان ڳڻيو ويو ته ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد 160 ملين ٿي ويو جيڪي مجموعي طور تي آبادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهن، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام وزيراعظم عمران خان جي تصور ۽ وفاقي ڪابينا جي تعاون سان لاڪ ڊائون جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي نقصانن کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو ۽ لاڪ ڊائون دوران ڪاروبار بند ٿيڻ جي ڪري پنهنجي ملازمتن کان محروم ٿيندڙ غريب ماڻهن کي روڪ امداد جي فراهمي جي سمورن طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏنو ويو، لاڪ ڊائون دوران بري طرح متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي 8171 تي ايس ايم ايس ڪرڻ جو چيو ويو جنهن کانپوءِ 139 ملين ايم ايم ايس موصول ٿيا، درخواست ڏيندڙن جي تفصيلن جو مختلف پيراميٽرز سان جاچ پڙتال ڪئي وئي ته جئين وڌيڪ مستحق ماڻهن کي شفاف طريقي سان چونڊي سگهجي، ادائيگي جو عمل نامزد بئينڪن ۽ رينٽل آئوٽ ليٽس جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ايس او پيز جي تعميل کي يقيني بڻايو ويو هو جڏهن ته سائبر حملن، بايوميٽرڪ جي مسئلن، غير رجسٽرڊ موت، بئنڪن ۽ لاڳاپيل ادارن جي بدنڊ وغيره جهڙا چئلينج به درپيش هئا. يونيسيف، گڏيل قومون ۽ IPC-IG جي ذريعي ايشيا ۾ معاشرتي تحفظ جي رد عمل جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪيل هڪ تحقيق ۾ ايشيا بحر الڪاهل جي ملڪن ۾ معاشرتي تحفظ جي قدمن جو هڪ وسيع منظر پيش ڪيو ويو ۽ ان جي جائزي تي روشني وڌي وئي، ڪورونا بحران جي جواب ۾ پاڪستان احساس ايمرجنسي ڪيش جي ذريعي سماجي تحفظ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ قدم کنيا، وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي نگراني ڪري رهي آهي، احساس جي ڇت هيٺيان شروع ڪيل سمورين اسڪيمن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، چڪ 40 ج ب ستيانه جي رهواسي محمد شريف جي بيواه شوگران بي بي جيڪو مالي امداد وصول ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس واقعه ستيانه روڊ اچي، اي پي پي کي ٻڌايو ته هو معذوري سان 7 ڌيئرن ۽ ٻن پٽن جي سارسنڀال ڪندي آهي، هن روڪ امداد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي واکاڻ ڪئي ته هو لاڪ ڊائون دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ غريب عوام جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته بايوميٽرڪ تصديق کانپوءِ بنا دير هن پنهنجي رقم وصول ڪئي، هن ادائيگي مرڪز جي عملي جي تعاون کي به ساراهيو، هڪ ٻي شهري يعقوب خان جيڪو نشتر ڪالوني لاهور جو رهواسي آهي، نشتر ٽائون ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ موجود سهولتن جو قابل ذڪر ڏنو. هن چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي، ويهڻ، انتظار ڪرڻ ۽ شيلٽر سميت خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن جي سهولت جي لاءِ سيڪيورٽي کي به يقيني بڻايو ويو آهي، وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميه پاران ايس او پيز تي به سختي سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته ماڻهن جي لاءِ ايس ايم ايس الرٽ جو نظام هڪ موثر قدم آهي جنهن تحت درخواست گذار کي ان جي اهليت ۽ رقم جي ادائيگي کان آگاهه ڪيو ويندو آهي، وفاقي گادي واري شهر ۾ ٽيڪسي ڊرائيور اڪرم شاهه چيو ته لاڪ ڊائون دوران هو آمدني کان محروم رهيو ڇو ته ماڻهن جي تعداد ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي چڪي هئي، ائين پهريون ڀيرو ٿيو هو ته هن وٽ گهر جي مسواڙ ڏيڻ جو رقم نه هئي، هن ٻڌايو ته رستي ڪناري گراهڪ جو انتظار ڪندي مون کي احساس پروگرام جي پاران رقم وصول ڪرڻ جو هڪ پيغام مليو جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو، ڪجهه ماڻهن مهانگائي جي ان دور ۾ 12 هزار روپين جي رقم تي سوال اٿاريو پر منهنجي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي، لاهور ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ هڪ شخص حاجي مشتاق مشڪل حالتن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت پاران مستحق ۽ غريب طبقن جي سارسنڀال جي ڪوششن کي ساراهيو، هن ٻڌايو ته مون کي ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران 12 هزار روپين جي مالي امداد ان وقت ملي جڏهن مون وٽ ڪم نه هو، هن چيو ته احسا جي تحت روڪ رقم جي فراهمي مشڪل جي ان گهڙي ۾ منهنجي خاندان جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، ڪينٽ جي علائقي ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ پنهنجي تجربي کان آگاهه ڪندي هن ٻڌايو ته ادائيگي مرڪز ۾ ضلعي حڪومت جي تربيت يافته ۽ خاص اسٽاف جي پاران موثر خدمتون فراهم ڪيون ويون، هن چيو ته غريب ماڻهن جي مالي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ان طرح جي قدمن جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ايگزيڪيٽو ميمبر بابر چوڌري وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت پاران شروع ڪيل احساس پروگرام کي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي رليف جي فراهمي جي لاءِ هڪ وڏو قدم قرار ڏنو. هن چيو ته ان پروگرام غربت جي ماريل مزدورن کي ڪورونا وائرس جي دوران لاڪ ڊائون صورتحال ۾ مدد فراهم ڪري عارضي رليف فراهم ڪيو جنهن کين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي قابل بڻايو، ان طرح جي ٻين پروگرامن جي آغاز جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته غريب ماڻهن جي لاءِ وزيراعظم جي قدمن ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، 6 نومبر تائين احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت ورهاست ۽ وصول ڪيل رقم جا تفصيل هي آهن، پنجاب ۾ بئنڪن کي 92549.628 ملين روپين جي رقم جاري ڪئي وئي جڏهن ته 79999.338 ملين روپيا ڪڍيا ويا. سنڌ ۾ بئنڪن کي 60532.548 ملين روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 55305.1245 ملين روپيا ڪڍيا ويا، انهي طرح خيبرپختونخوا ۾ بئنڪ کي 9593.364 ملين روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 2826.825 روپيا ڪڍيا ويا، اسلام آباد ۾ بئنڪ کي 925.488 ملين روپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان 833.8525 ملين روپين جي رقم ڪڍي وئي ۽ گلگت بلتستان ۾ بئنڪ کي 1494.396 ملين روپيا جاري ڪيا ويا ۽ 1346.74975 ملين روپيا ڪڍيا ويا، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جي صوبائي صورتحال ڪجهه هن طرح آهي، 6 نومبر تائين پنجاب ۾ تقريبن 7704969 مستحق ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جنهن مان 6617079 ماڻهن رقم حاصل ڪئي، سنڌ ۾ 5044379 ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جنهن مان 4589662 ماڻهن رقم وصول ڪئي، خيبرپختونخاو ۾ 2909532 ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جنهن مان 2506424 ماڻهن رقم وصول ڪئي، انهي طرح بلوچستان مان 799447 ماڻهن کي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جنهن مان 701419 ماڻهن روڪ رقم وصول ڪئي، آزاد ڄمون ۽ ڪسمير مان 272608 ماڻهو پروگرام ۾ شامل ٿيا جنهن مان 231757 ماڻهن رقم وصول ڪئي، گلگت بلتستان مان 124533 ماڻهو پروگرام ۾ شامل ٿيا ۽ 110427 ماڻهن رقم وصول ڪئي، اسلام آباد مان 79374 ماڻهو پروگرام ۾ شامل ٿيا ۽ 69081 ماڻهن رقم حاصل ڪئي، احساس تحت جاري پروگرامن ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ، احساس پناهگاهه (شيلٽر) ۽ لنگر اسڪيم، احساس ڪفالت، احساس انٽرسٽ فري لون، احساس آمدني ۽ احساس نشو نما پروگرام شامل آهن، انهن پروگرامن مان لکين ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ اربين روپيا ورهايا ويا آهن.