شاهد خاقان عباسي جي چوڻ تي (ن) ليگ وارا گارين تي لهي آيا: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جي چوڻ تي (ن) ليگ جا اسيمبلي ميمبر گارين تي لهي آيا ان کانپوءِ ويڙهه شروع ڪرائي وئي، پي ٽي آءِ جي مليڪا بخاري سميت 2 ميمبر زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايم اين اي فهيم خان کي (ن) ليگ جي ميمبرن پاران زخمي ڪيو ويو. مليڪا بخاري جي اک تي بجيٽ بُڪ هنئي وئي آهي جنهن سان سندس اک زخمي ٿي.

مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores