سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو: صدر

image
APP61-050821 ISLAMABAD: August 05 - President Dr. Arif Alvi chairing a meeting of the Sub-Committee on Emerging Technologies in I-Voting, at Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نادرا چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نادرا اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نادرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نادرا جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو.

مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena