پاڪستان جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي حملي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عوام ٻاهر نڪري: وزيراعظم عمران خان

image

اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين قوت پاران مقامي سهولتڪارن جي ذريعي پاڪستان جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي سڀ کان وڏو حملو ناڪام بڻائڻ لاءِ عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ملڪ جي خودمختياري ۽ جمهوريت جي مضبوط ترين محافظ سدائين عوام هوندي آهي، وزيراعظم چيو ته اها عوام ئي آهي جنهن کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻاهرين قوت پاران مقامي سهولتڪارن، اسان جي مير جعفر ۽ مير صادقن جي ذريعي پاڪستان جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي ان تازي ترين ۽ سڀ کان وڏي حملي کي ناڪا۾ بڻائڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : گولڈ رش