اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 23 – 2022ع جي 9 هزار 500 ارب رپين جي ماپي واري وفاقي بجيٽ پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏيڻ ۽ اڳوڻا ايڊهاڪ ريليف بنيادي پگهارن ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ٽيڪس اوڳاڙيون جو هدف 7004 ارب رپيا رکيو آهي، آبادگارن کي زرعي مشينري، ڪسٽم ڊيوٽي، جڏهن ته مختلف جنسن جي ٻجن تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏي آهي، نان ٽيڪس روينيو 2000 ارب رپيا هوندو، اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 4100 ارب رپيا ملندا، ڪينولا ۽ سورج مکيءَ جي ٻجن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، انڪم ٽيڪس جي گهٽ کان گهٽ شرح 6 لک مان وڌائي 12 لک ڪئي وئي آهي، وياج جي شرح 11.7 سيڪڙو مان گهٽ ڪري ايندڙ مالي سال جي لاءِ هدف 11.5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، 1600 سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ، نان فائيلرز جي لاءِ ٽيڪس جي موجوده شرح 100 سيڪڙو مان وڌائي 200 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ کي سولر پينل جي خريداري تي بئنڪن مان آسان قسطن تي قرض ڏنا ويندا، سولر پينل جي درآمد ۽ مقامي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، هڪ لک کان وڌيڪ نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، فلم کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته آئون ايوان ۾ اتحادي حڪومت جي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهيان، هي هڪ اهڙو اتحاد آهي جنهن کي گذريل چونڊن ۾ عوام جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ جي حمايت حاصل آهي، هن حڪومت ۾ وفاق جي سڀني ڌرين جي نمائندگي آهي ان لاءِ ملڪي معيشت بابت ڪيل فيصلن کي قوم جي وڏي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته حڪومت کي گذريل پوڻا چئن سالن جي بري ڪارڪردگي سان پيدا ٿيندڙ خراب معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جو مشڪل چئلينج درپيش آهي. گذريل حڪومت مسلسل پوڻا چار سال تائين پاڪستان ۽ ان جي عوام کان خدا ڄاڻي ته ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺندي رهي، انهن جي بي سمجهي جي بنياد تي سماجي ڍانچو متاثر ٿيو، معاشي ترقي بند ٿي وئي ۽ قومي اتحاد ڀورا ڀورا ٿي ويو، ان عرصي معاشي بدانتظامي عروج تي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو بري طرح متاثر ٿيو، رپئي جي قدر ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ڏسڻ ۾ ائي، جنهن جي بنياد تي هر شيءَ جي قيمت وڌي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي زندگي زهر بڻجي وئي، گذريل پوڻا چئن سالن ۾ هڪ ناتجربيڪار ٽيم ملڪ کي تباهي جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو، هر سال هڪ نئون ماڻهو بجيٽ پيش ڪندو هو ۽ نه رڳو هر سال پر سال جي دوران حڪومت جي معاشي پاليسي تبديل ٿي ويندي هئي، جنهن جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڊيولپمينٽ پارٽنرز جي اعتماد کي ڌچڪو لڳو، اهي ماڻهو ڳالهيون ڪري پوءِ ڦري ويندا هئا. پاڪستان جي ماڻهن ته هر مرحلي تي انهن کي يوٽرن وٺندي ڏٺو پر ان عادت کان مجبور ٿي هنن عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سامهون به بار بار موقف تبديل ڪرڻ جي عادت وڌي، ان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام جيڪو هن سال ختم ٿيڻو هو اهو فيبروري ۾ سسپينڊ ٿي ويو ۽ جيڪي بنيادي سڌارا 2019ع ۾ ٿيڻا هئا اهي اڃا تائين ناهن ٿيا، معيشت جي ڍانچاجاتي بگاڙ کي درست ڪرڻ جي لاءِ بنيادي سڌارا آڻڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جو هڪ فوري منفي ردعمل به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر معيشت مضبوط بنيادن تي بيٺل هجڻ گهرجي. گذريل حڪومت اهڙن قدمن کان پاسو وٺندي رهي، ان جي لاءِ اهي سڀئي سڌارا ملتوي ٿيندا رهيا، جنهن جي ڪري اڄ معيشت پنهنجي پيرن تي ناهي بيٺل ۽ خوشحالي اسان کان پري ٿي وئي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت وٽ وقت تمام گهٽ آهي، اسان تمام آساني سان انهن تبديلين کي ايندڙ حڪومت تي وجهي پئي سگهياسين پر ان ۾ ملڪ جو نقصان هو ان لاءِ اسان فيصلو ڪيو آهي ته اهي سڀئي تبديليون ڪيون وينديون جنهن سان معيشت ۽ ملڪ جو فائدو ٿيندو. اسان اهو ڄاڻيندي به حڪومت ۾ اچن جو فيصلو ڪيو ته معيشت جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اسان وٽ ٻه آپشن هئا هڪ ته ملڪ کي ان صورتحال ۾ ڇڏي ڏيون ٿا ۽ نئين چونڊن جو اعلان ڪريون ها پر اهڙي طرح معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي وڃي ها ۽ ملڪ کي ٻيهر پٽڙي تي چاڙهڻ مشڪل ٿي وڃي ها، ان لاءِ اسان ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا، هي مشڪل رستو آهي ضرور آهي پر ڊگهي مدي واري ترقي جو رستو صرف اهو ئي آهي، اسان اڳ ۾ به اهو ئي ڪيو آهي، اسان ڪري سگهون ٿا ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان سدائين قومي مفاد کي پنهنجي سياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي. هن وقت به اسان جي اولين ترجيح معاشي استحڪام آهي، اسان جي معيشت جو هڪ بنيادي مسئلو اهو رهيو آهي، اڪثر معاشي ترقي جي شرح 3 کان 4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي آبادي ۾ اضافي جي شرح سان هڪ جهڙائي نه ٿي رکي، ان جي ابتڙ جڏهن معاشي ترقي جي شرح 5 کان 6 سيڪڙو کان مٿي وڃي ٿي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ضابطي کان ٻاهر وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسان معيشت کي هلائڻ لاءِ امير کي طبقي کي مراعتون ڏيون ٿا جنهن سان درآمد وڌي ٿي پر روانگي واپار اتي جو اتي بيٺل هوندو آهي، اهو ئي گذريل سال ٿيو پر اٽڪل سدائين ائين ٿيو ان لاءِ اسان کي نئين سوچ اختيار ڪرڻي پوندي ۽ هڪ قوم جي طور تي ان جو حل ڪڍڻو پوندو. اسان کي معيشت کي هلائڻ جي لاءِ گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي مراعتون ڏيڻيون پونديون، جنهن سان مقامي پيداوار وڌندي ۽ زراعت کي به ترقي ملندي. مفتاح اسماعيل چيو ته اسان کي غريب جي معاشي حالتن کي سڌارڻو پوندو ۽ غريبن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن انهن جي آمدني وڌي جڏهن غريب جي آمدني وڌندي آهي ته هو اهڙيون شيون خريد ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي اندر تيار ٿين ٿيون، اهڙين روزمره جي استعمال جي شين تي خرچ ڪيل رقم سان درآمد ناهي وڌندي پر ملڪ جي اندر معاشي ترقي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي، ائين ڪرڻ سان اسان مستقل بنياد تي هڪ جامع ترقي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان جي معاشي ترقي جو بنياد رکڻو پوندو. اهڙو مضبوط بنياد جنهن تي مستحڪم واڌويجهه جي شاندار عمارت اڏي سگهجي، جيڪا پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان سدائين جي لاءِ قائم رهي، اسان کي ترقي جو فارمولو راونگي واپار وڌائڻ تي مرڪوز ڪرڻو پوندو، اسان کي زراعت، آءِ ٽي ۽ صنعتي روانگي واپار وڌائڻو پوندو، اسان کي زرعي شعبي جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ملڪي روانگي واپار جي سگهه وڌائڻي پوندي ته جيئن هو عالمي منڊي ۾ ٻين ملڪن جي مصنوعات جو مقابلو ڪري سگهي. اسان کي واپار جي بهترين ٽيڪنڪس کي وڌائڻو پوندو ته جيئن مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪن. اسان کي مشينري ۽ ڪچي مال جي درآمد کانپوءِ ان جي ويليو ۾ اضافو ڪري برآمد ڪرڻو پوندو، اهڙي طرح جيترو آمدني واپار وڌندو ان کان ٻيڻ تي روانگي واپار ۾ به اضافو ٿيندو. مفتاح اسماعيل چيو ته سڀني کي خبر آهي ته اسان کي تباهه حال معيشت کي سڌي رستي تي آڻڻ جو انتهائي مشڪل چئلينج آهي. گذريل پوڻا چئن سالن ۾ معاشي استحڪام جاري رهيو، تاريخي مهانگائي، پرڏيهي ناڻي جي مشڪلاتن، وڌيڪ لاڳت تي حد کان وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ، لوڊشيڊنگ ۽ مٿان کان مسئلن جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام اڳوڻي حڪومت عوام جي زندگين کي مشڪلاتن جي ور چاڙهي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته گذريل پوڻا چئن سالن جي بدانتظامي جي ڪري پاڪستان مهانگائي جي حساب سان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي، ساڍا 7 ڪروڙ غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن مان 2 ڪروڙ جو اضافو گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ٿيو، جڏهن ته انهي دوران 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، پنهنجي پوڻا چئن سالن جي مدي ۾ اڳوڻي حڪومت 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو لياقت علي خان ۽ خواجه نظام الدين کان ويندي ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ اسپيڪر توهان سميت سڀني وزيراعظمن جي حڪومتن جي 71 سالن ۾ ورتل قرضن جي 80 سيڪڙو جي برابر آهي، ان جو سبب اهو هو ته هنن آمدن تي وڌيڪ خرچ ڪيو ۽ پاڪستان جي تاريخ جون چار بلند ترين خساري واريون بجيٽون پيش ڪيون، انهن جو سراسري بجيٽ خسارو 8.6 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهيو، ان دوران ساليانو تقريبن 5 هزار ارب رپين جو قرض وڌايو ويو ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 5 هزار 100 ارب رپين جي خساري جو امڪان آهي. اهڙي طرح بجلي جو گردشي قرض هڪ هزار 62 ارب رپين مان وڌي جيڪو اسان مئي 2018ع ۾ ڇڏي وياسين هئاسين، هاڻي 2 هزار 500 ارب رپين جو ٿي ويو آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گئس جي شعبي ۾ گردشي قرض ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو مارچ 21 – 2022ع ۾ 14 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته منهنجي قائد ميان نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي گهٽ کان گهٽ سطح تائين پهچائي وئي، مهانگائي جي شرح تقريبن 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي، جڏهن ته ناڻي واڌ جي گهٽ کان گهٽ شرح 3.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل پوڻا چئن سالن جي بدانتظامي جي ڪري پاڪستان هڪ مستقل مهانگائي جي لهر ۾ آهي، ڇو ته گذريل وزيراعظم چوندو هو ته آئون ٽماٽي ۽ بصر جون قيمتون ڏسڻ ناهيان آيو پر ملڪ کي عظيم بڻائڻ آيو آهيان. اسان کي خبر آهي ته غريب ماڻهو کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهي ڪهڙو ملڪ عظيم بڻجي سگهي ٿو. مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون ڇو وڌي ويون، 2013ع ۾ کنڊ جي قيمت 55 رپيا ڪلو هئي ۽ 2018ع ۾ جڏهن اسان وياسين ته کنڊ جي قيمت 53 رپيا في ڪلو هئي پر پوءِ 2018ع کان پوءِ کنڊ جي قيمت کي پَر لڳي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 140 رپين تائين پهچي وئي ۽ پوءِ وزيراعظم شهباز شريف آيو جنهن ان کي 70 رپيا ڪلو تي ڇڪي آندو، اهڙي طرح 2018ع ۾جڏهن اسان ڇڏي وياسين ته اٽي جي قيمت 35 رپيا في ڪلو هئي، جيڪا نئين پاڪستان ۾ وڌي 80 رپيا في ڪلو ٿي وئي پر پوءِ شهباز شريف آيو جنهن يوٽيلٽي اسٽورز ۽ ڪيترن ئي خصوصي دڪانن تي اٽو 40 رپيا في ڪلو فراهم ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن اسان وياسين ته پاڪستان کنڊ ۽ ڪڻڪ ٻاهر موڪليندڙ هو پر هاڻي اسان ٻئي شيون گهرائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل دور ۾ مهانگائي کي وڌائڻ ۾ توانائي جي قيمتن جو به عمل دخل آهي، اسان توانائي جو مسئلو به وڏي حد تائين حل ڪري چڪا آهيون، توانائي جي هن بحران ۾ ٻيهر شدت آڻڻ جي ذميوار پي ٽي آءِ جي حڪومت جا گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪيل غلط فيصلا ۽ پاليسيون آهن، هنن اسان جي ڪيل ايل اين جي سستن سودن تي ڪوڙا الزام هنيا، جنهن جي ڪري هتي ويٺل ڪيترن ئي معزز ميمبرن کي جيل ۾ وڃڻو پيو، اسان کي به اهو به گوارا هجي ها جيڪڏهن هي ايل اين جي سستي اگهن تي وٺن ها پر هنن ڪوويڊ جي ڪري ميسر ٿيندڙ سستن اگهن تي به ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ بدران مهانگن اگهن تي موقعي تي خريداري ڪئي جنهن سان اسان کي فوري ضرورتن جي لاءِ مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻي پئي، ان جي باوجود اسان تي الزام هنيا ويا ۽ مون سميت ڪيترن ئي ميمبرن کي جيلن ۾ وڌو ويو پر اسان جي ڀينرن ۽ پٽن کي به گهليو ويو ۽ اهي اڄ به عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته فيبروري جي آخر ۾ جڏهن عمران خان جي حڪومت کي لڳو ته انهن جي الوداع ڪرڻ جا ڏينهن ويجها آهن ته هنن اتحادي حڪومت جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون پر اصل ۾ اهي پاڪستان جي معيشت لاءِ بارودي سرنگهون هيون، جهڙي طريقي سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته حڪومت جو خزانو قرض گهري هلايو پئي ويو، ان کانسواءِ ان قدم سان اسان جي رياست هڪ سنگين اقتصادي بحران ۾ ڦاسي پئي، جنهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم جي قيمتن کي نظر ۾ رکندي گهٽ آمدني واري طبقي کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان لاءِ ان جي هدايت تي 40 هزار رپيا ماهوار کان گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 2 هزار رپيا ماهوار مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو جون 2022ع کان لاڳو آهي، ان سان اٽڪل 8 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هي امداد مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي، ان ۾ ضروري نه آهي ته ڪنهن وٽ ڪار يا موٽرسائيڪل هجي پر جيڪا عوام بس ۾ سفر ڪري ٿي اها به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي، جيڪي مستحق ماڻهو بي آءِ ايس پي ۾ اڳ کان رجسٽرڊ آهن، انهن کي جون جي مهيني ۾ 2 هزار رپين جي اضافي ادائيگي پاڻمرادو ڪئي پئي وڃي، ان ۾ وڌيڪ 60 لک خاندانن کي شامل ڪيو پيو وڃي، جن کي هر مهيني 2 هزار رپيا ڏنا ويندا. مفتاح اسماعيل چيو ته 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ پاڪستاني ڪرنسي ۾ استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي پر وري انتها درجي جي معاشي بدانتظامي جي ڪري 2018ع کان 2022ع جي وچ ۾ رپئي جي قيمت ۾ اٽڪل 61 سيڪڙو لاٿ ٿي جيڪو ڊالر جي ڀيٽ ۾ 115 رپين کان 189 رپين تائين پهچي ويو ۽ بدانتظامي جي آفٽر شاڪس جي ڪري 200 جي حد پار ڪري ويو پر اسان ڪرنسي کي استحڪام ڏيڻ جي لاءِ سڀئي ضروري قدم کنيا آهن ۽ اميد آهي ته انشاءَ الله هاڻي اسان جو رپيو مستحڪم رهندو. مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ جي تفصيل ۾ وڃڻ کان پهرين آئون حڪومت جي سوچ ۽ ترجيحن تي ڳالهائڻ چاهيندس ڇو جو وزيراعظم چاهي ٿو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي، خاص طور تي اها غريب عوام جيڪا مهانگائي جي هن طوفان سان وڙهڻ جي سگهه نه ٿي رکي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت امداد ۽ سبسڊي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن پر ائين مستقل بنيادن تي ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ذريعا فراهم ڪرڻا پوندا، ان مقصد جي لاءِ اهو ئي طريقو آهي ته وڌيڪ آمدني ڪمائڻ جي لاءِ اسپيشل ٽيڪس لڳايو وڃي، اهڙي طرح دولت جو رخ غريب عوام طرف موڙيو وڃي، ان مقصد جي لاءِ آمدني تي تيڪس يا اهڙين شين تي ٽيڪس لڳايا ويندا، جيڪي وڌيڪ آمدني وارا ماڻهو استعمال ڪن ٿا ۽ وچولو طبقو ۽ غريب عوام گهٽ استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي بجيٽ فلاسافي اها آهي ته اسان هڪ طرف زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين ته جيئن نه رڳو آبادي لائق زمين جي ايراضي ۾ اضافو ڪري سگهجي پر في ايڪڙ پيداوار ۾ به اضافو ڪري سگهجي، خاص طور تي کاڄرو تيل پيدا ڪندڙ فصل مثال طور مڪئي، سورج مکيءَ ۽ ڪينولا جي پوکيءَ ۾ اضافو ڪيو ويندو ته جيئن زرعي درآمد ۾ گهٽتائي اچي ۽ جاري خرچن جي خساري ۾ به لاٿ آڻي سگهجي. ٻئي طرف اسان اهڙين صنعتن کي ترقي ڏينداسين جن جي پيداوار برآمد ڪري سگهجي، اهڙي طرح اسان کي قيمتي مٽاسٽا جو ناڻو حاصل ٿيندو ۽ ٻاهرئين ادائيگين جي توازن کي پائيدار بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نئين اوڳاڙين سان گڏوگڏ اهو به ضڙوري آهي ته جيڪي اوڳاڙيون هن وقت وصول ڪيون پيون وڃن انهن جي انتظام ۽ مئنيجمينٽ کي درست ڪيو وڃي، جيڪڏهن اوڳاڙين ۾ چوري کي ختم ڪيو وڃي جيڪا گذريل پوڻا چئن سالن ۾ وڌي وئي هئي ته چڱي چوکي انداز ۾ اضافي وصولي ٿي سگهي ٿي، ان سان گڏوگڏ اسان نان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪفايت شعاري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي خرچن ۾ لاٿ هن بجيٽ جو حصو آهي، اسان ان سلسلي ۾ ٺوس قدم کڻي رهيا آهيون، صرف زباني ڳالهيون نه ٿا ڪريون. گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي هوندي، ترقياتي بجيٽ کانسواءِ فرنيچر جي خريداري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪابينا ۽ سرڪاري عملدارن جي پيٽرول جي حد کي 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، حڪومت جي خرچ تي لازمي ٻاهرئين ملڪن جي دورن کانسواءِ ٻين سڀني دورن تي پابندي هنئي وئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پينشن جي مد ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 530 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ٻين ملڪن وانگر اسان پينشن فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، جنهن جي لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آهي. ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب معيشت کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اسان جي ٽيم ميڊيم ٽرم ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جوڙيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته ان وسيلي معيشت صحيح رخ اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، اسان جي لاءِ وڏو چئلينج ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کانسواءِ واڌويجهه حاصل ڪرڻ آهي، ان لاءِ ايندڙ سال توازن کي خراب ڪرڻ کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي ويندي، اهڙي طرح جي ڊي پي 67 کرب رپين مان وڌائي ايندڙ مالي سال دوران 78.3 کرب رپين تائين پهچايو ويندو. ناڻي واڌ جي حوالي سان هن چيو ته هن وقت ناڻي واڌ 11.7 سيڪڙو آهي، جيڪا گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلند ترين سطح تي آهي. حڪومت کي خبر آهي ته غريب ماڻهو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، اسان مانيٽري پاليسي ۽ فسڪل پاليسي کي بهتر بڻائيندي مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مالي سال ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ڪري 11.5 سيڪڙو تي آندو ويندو. ايف بي آر جي ٽيڪسز جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايمرجنگ مارڪيٽ ملڪن ۾ ٽيڪس جي شرح جي ڊي پي جو اٽڪل 16 سيڪڙو آهي پر پاڪستان ۾ هن وقت اها شرح 8.6 سيڪڙو آهي. ايندڙ مالي سال دوران اها شرح 9.2 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ جي تجويز آهي، 18 – 2017ع ۾ اسان اها شرح 11.1 سيڪڙو تي ڇڏي ويا هئاسين. مجموعي خساري جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مجموعي خسارو جيڪو هن سال جي ڊي پي جو 8.6 سيڪڙو آهي ان ۾ آهستي آهستي گهٽتائي آندي ويندي، ايندڙ مالي سال دوران ان ۾ گهٽتائي آڻي ان کي 4.9 سيڪڙو تائين آندو ويندو، اهڙي طرح مجموعي شروعاتي بيلينس جيڪو جي ڊي پي جو منفي 2.4 سيڪڙو آهي، ان ۾ بهتري آڻي ايندڙ مالي سال ۾ ان کي مثبت 0.19 سيڪڙو تائين آندو ويندو. واپاري خساري جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي حڪومت برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ۽ درآمدات جي وڌندڙ رجحان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن واپاري توازن عمل ۾ آندو وڃي ۽ ڊالر جي قيمتن جو تعين پاڻمرادو صحيح رستي تي گامزن ٿي وڃي. آمدني واپار جيڪو هن وقت 76 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، ايندڙ مالي سال ان ۾ گهٽتائي آڻي ان کي 70 ارب ڊالر جي سطح تي آڻينداسين، روانگي واپار جيڪو هن وقت 31.3 ارب ڊالر آهي ايندڙ مالي سال ان کي 35 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا قدم کنيا ويندا. انهن قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس کي جي ڊي پي جي منفي 4.1 سيڪڙو کان گهٽتائي ايندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي 2.2 سيڪڙو تي آندو ويندو. مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال مٽاسٽا جو ناڻو 31.1 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ مالي سال ۾ ان کي 33.2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي اميد آهي. قومي قرض جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن سال وياج جي ادائيگي ۾ ڪل خرچ 3 هزار 144 ارب رپيا ٿيندا، جنهن ۾ ملڪي وياج جي ادائيگي 2 هزار 770 ارب رپيا ۽ ٻاهرئين وياج جي ادائيگي 373 ارب رپيا ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ سال ان مد ۾ ڪل ادائيگي 3 هزار 950 ارب رپيا ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جنهن مان 3 هزار 439 ارب رپيا اندروني ۽ 511 ارب رپيا غيرملڪي قرضن تي خرچ ٿيندا. عام خسارو جيڪو 18 – 2017ع ۾ 25 هزار ارب رپيا هو، مارچ 2022ع ۾ 44 هزار 365 ارب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو جي ڊي پي جو 72.5 سيڪڙو آهي، اسان مالي سال جي آخري ٻن مهينن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ڪري قرض ۾ اضافي جي رفتار کي گهٽ ڪيو آهي. قانون موجب حڪومت جي قرض وٺڻ جي حد جي ڊي پي جو 60 سيڪڙو مقرر ڪيل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير FRDLA 2005 ۾ ترميم جي حوالي سان چيو ته ناڻي واري وزارت جي قرض مئنيجمينٽ آفيس کي ماهر فراهم ڪيا ويندا. قرضن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ان جي مينڊيٽ ۽ اختيارن ۾ اضافو ڪليو پيو وڃي ته جيئن قرضن جو استعمال موزون بنيادن تي رکي سگهجي. هن چيو ته آئون ايوان کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته اڳوڻي حڪومت قرضن جي ري پروفائيلنگ ڪرڻ وقت 2029ع ۾ 5 هزار 400 ارب معنيٰ 5 لک 40 هزار ڪروڙ ارب رپيا هڪ ئي ڀيري ادا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، تصور ته ڪريو ڇا پوري ڊوميسٽڪ مارڪيٽ هڪ ئي ڀيرو ايڏي وڏي رقم جو بندوبست ڪري پئي سگهي، بلڪل به نه، اسان ان تمام وڏي قرض جي ادائيگي جي رقم کي ٽڪرن ۾ ورهائي حڪومت ۽ مقامي مارڪيٽ جي لاءِ قابل ادائيگي بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته آئون بجيٽ ايلوڪيشن جون اهم ڳالهيون ٻڌائڻ کان پهرين توهان کي آمدني ۽ خرچن بابت ٻڌائيندس. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جو روينيو 6 هزار ارب رپيا هوندو، جنهن مان صوبن جو حصو 3 هزار 512 ارب رپيا هوندو، وفاق جو نج روينيو 3 هزار 808 ارب رپيا رهيو، وفاقي حڪومت جو نان ٽيڪس روينيو هڪ هزار 315 ارب رپيا رهڻ جي اميد آهي، ڪل خرچ 9 هزار 118 ارب رپيا هوندا، پي ايس ڊي پي جا خرچ 550 ارب رپيا هوندا، قرض ڏيڻ جي مد ۾ 3 هزار 144 ارب رپيا خرچ ٿيندا، دفاع تي 1450 ارب رپيا خرچ ٿيندا، وفاقي حڪومت جا خرچ 530 ارب رپيا، پينشن تي 525 ارب ۽ سبسڊي جي مد ۾ 1515 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ گرانٽ جي مد ۾ هڪ هزار 90 ارب رپيا خرچ ٿيندا. ايندڙ مالي سال ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رپيا آهي، جنهن مان صوبن جو حصو 4 هزار 100 ارب رپيا هوندو. وفاقي حڪومت وٽ نيٽ روينيو 4 هزار 904 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو ۾ 2 هزار ارب رپيا هوندو. وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رپيا آهي جنهن مان قرض ڏيڻ تي 3 هزار 950 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي جي لاءِ 800 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. ملڪي دفاع جي لاءِ 1523 ارب رپيا، سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب رپيا، پينشن جي مد ۾ 530 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. عوام جي سهولت لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي لاءِ 699 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ گرانٽ جي صورت ۾ 1242 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ بي آءِ ايس پي، بيت المال ۽ ٻين کاتن جون گرانٽس شامل آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون پٺتي پيل ۽ غريب ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مخصوص ڪيل رقم ۾ اضافو ڪيو آهي، جيڪا 22 – 2021ع 250 ارب رپيا هئي، 23 – 2022ع ۾ اها رقم وڌائي 364 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ 12 ارب رپين جي رقم يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي شين جي سبسڊي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. 5 ارب رپين جي اضافي رقم رمضان پئڪيج طور رکي وئي آهي. ايندڙ مالي سال بي آءِ ايس پي تحت 90 لک خاندانن کي بينظير ڪفالت ڪيش ٽرانسفر پروگرام جي سهولت ميسر هوندي، جنهن جي لاءِ 266 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير تعليمي وظيفي جي پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌايو ويندو، ان مقصد جي لاءِ 35 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. 10 هزار وڌيڪ شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ڏني ويندي جنهن جي لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. بينظير نشونما پروگرام سڀني ضلعن تائين وڌايو ويندو، جنهن تي اٽڪل 21.5 ارب رپين جي لاڳت ايندي. ان کانسواءِ 6 ارب رپيا مستحق ماڻهن جي علاج ۽ امداد لاءِ پاڪستان بيت المال ۾ رکيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير توانائي جي حوالي سان چيو ته عوام ۽ صنعت ۽ واپار جي لاءِ توانائي وڏي اهميت رکي ٿي، انهن شعبن ۽ عوام جي لاءِ اسان پنهنجي پهرين ٽن مهينن دوران 214 ارب رپيا اضافي سبسڊي ادا ڪئي آهي ته جيئن اڳوڻي حڪومت جي دور جي رهتن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ايندڙ مالي سال دوران ان مد ۾ 570 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي ته جيئن گرميءَ جي سخت موسم دوران عوام بجلي جو خرچ برداشت ڪري سگهي. پيٽروليم جي شعبي ۾ اسان رهتن جي ادائيگي لاءِ 248 ارب رپين جي رقم جاري ڪئي ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ 71 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن. اسان جلد گئس جي نئين اگهن جو اعلان ڪنداسين جنهن تحت صنعتن کي علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مناسب اگهن تي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، جنهن سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. تعليم جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪيترين ئي مالي مجبورين جي باوجود اهو شعبو هاڻي صوبن کي منتقل ڪيو ويو آهي، اسان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي لاءِ موجوده بجيٽ ۾ 65 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪئي آهي، ان کانسواءِ 44 ارب رپيا هيڪ جي ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو وڌيڪ آهن، جيڪو نوجوان نسل سان اسان جي ڪمٽمينٽ جو ثبوت آهي. اسان صوبن کي قائل ڪري رهيا آهيون ته اهي ايندڙ سالن دوران اعليٰ تعليم جي شعبي جي ترقي لاءِ وڌ کان وڌ ذميواري نڀائين. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ بلوچستان ۽ ضم ٿيل صوبن ۾ 5 هزار وظيفا شامل آهن، بلوچستان جي ساحلي علائقن جي لاءِ جدا اسڪالرشپ اسڪيم شامل آهي. سڄي ملڪ ۾ شاگردن کي ليپ ٽاپ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي تعليم کي اپ گريڊ ڪرڻ جي غرض سان اسٽيٽ آف دي آرٽ اڪيوپمينٽ مهيا ڪرڻ جي لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان چيو ته ملڪ جي معيشت لاءِ زراعت ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ٻين قدمن کانسواءِ اسان فصلن ۽ چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ 21 ارب رپيا رکيا آهن ته جيئن پيداوار وڌائي سگهجي، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت منصوبابندي ڪميشن ۽ صوبن جي تعاون سان هڪ ٽن سالن جي گروٿ حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حڪمت عملي جو مقصد پياوار ۾ اضافو ڪرڻ، ابادگارن کي خوشحال ڪرڻ، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ، سمارٽ زراعت جو فروغ، پاڻ ڀارڻ، ويليو ايڊيشن ۽ ايگرو پروسيسنگ شامل آهي.نوجوانن جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته نوجوان ملڪ جو اهم سرمايو آهن، نيشنل يوٿ ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، نوجوانن جي لاءِ مختلف اسڪيمون رکيون ويون آهن، تعليم پرائي نڪرندڙ نوجوانن جو ملڪي ترقي ۾ ڪردار وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع نظام آندو پيو وڃي. نوجوان روزگار پاليسي تحت 20 لک کان وڌيڪ روزگار جي موقعن تائين نوجوانن جي پهچ يقيني بڻائي ويندي. نوجوانن ۾ ڪاروبار جي فروغ لاءِ 5 لک تائين بنا ڪنهن وياج جي قرض ۽ اڍائي ڪروڙ تائين آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪئي ويندي. قرض اسڪيم ۾ عورتن جي ڪوٽا 25 سيڪڙو مخصوص ڪئي وئي آهي.نوجوان عورتن جي معاشي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عورتن کي هائي ٽيڪ ۽ ٻين اسڪلز ۾ ترجيحي بنيادن تي تربيت فراهم ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا ويندا، انهن سينٽرن وسيلي نوجوانن کي انٽيگريٽيڊ جاب پورٽل تائين پهچ ۽ ان بابت رهنمائي حاصل ٿيندي. ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي نوجوانن جي مثبت سرگرمين کي جامع ڪندي گرين يوٿ موومينٽ جو آغاز ڪيو ويندو. ميرٽ جي بنياد تي مفت ليپ ٽاپ ڏيڻ، هر ڪنهن کي قسطن ۾ ليپ ٽاپ ڏيڻ ۽ 250 مني اسپورٽس اسٽيڊيم ٺاهڻ جي لاءِ رقم رکي ويندي. نوجوانن جي صلاحيتن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انوويشن ليگ جو به آغاز ڪيو ويندو. 11 کان 25 سالن جي عمر جي نوجوانن جي لاءِ ٽيلنٽ هنٽ ۽ اسپورٽس ڊرائيو پروگرام پڻ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير صنعت ۽ واپار جي حوالي سان چيو ته صنعت ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شيون نه رڳو ٻاهرئين ملڪ موڪليون وينديون آهن پر ملڪي ضرورتن کي به پورو ڪنديون آهن ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جو ذريعو به بڻجنديون آهن، انهن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان صنعتي پاليسي تي ڪم شروع ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان ايڪسپورٽرز کي ڊي ايل ٽي ايل جي رهتن جي ادائيگي تمام سست رفتار رهي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ايڪسپورٽرز جا سمورا ڪليمز جلد ادا ڪيا وڃن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ جي تصديق ٿيل 40.5 ارب رپيا ادا ڪرڻ جوڳا آهن، اسان اها رقم فوري طور تي ادا ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح مالي مشڪلاتن جي باوجود سيلز ٽيڪس جي ريفنڊز جي به فوري ادائيگي ڪئي پئي وڃي. صنعتڪارن کي مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ صنعتي فيڊرز کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. سيڙپڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ هڪ نئين حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪيو ويندو ۽ مشڪل طريقيڪار جو خاتمو ڪيو ويندو. اسانجي حڪومت عام شهرين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊسپيوٽ ريزيوليشن مڪينزم ۾ سڌارا آڻيندي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته اهو نظام سستو، سادو ۽ موثر هجي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز کي اختيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جو نظام به شامل هوندو، اهي سڌارا اعليٰ عدالتن جي مشاورت سان آندا ويندا ته جيئن انهن تي وقت سر عمل ڪري سگهجي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت هڪ به نئون اقتصادي زون قائم نه ڪيو، 2018ع تائين سي پيڪ تحت انفراسٽرڪچر جو گهڻو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ان کي معيشت لاءِ ڪتب آڻڻ ضروري آهي. چين جي حڪومت سان اهو طئي ٿيو هو ته سي پيڪ جي روٽ تي 9 خصوصي اقتصادي زونز ٺاهيا ويندا جنهن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، تنهن هوندي به گذريل حڪومت ان ڪم جي رفتار ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون پيدا ڪيون ۽ اڃا تائين هڪ به خصوصي اقتصادي زون فعال ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه رشڪئي ۽ پنجاب ۾ لاهور ۾ خصوصي اقتصادي زونز کي فوري بجلي ۽ گئس جي فراهمي ڪري پهرين فرصت ۾ هلايو وڃي. ثقافت ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سياحت ۾ اضافي، معاشرتي ۽ سماجي واڌويجهه، عالمي سطح تي پاڪستان جي ثقافت ۽ تشخص ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ فلم، ثقافت، ورثي، ڊرامي ۽ فنون لطيفا جو فروغ لازمي آهي. 2018ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي اسان جي دور ۾ ڪابينا منظور ڪئي هئي، بدقسمتي سان گذريل چئن سالن ۾ ان تي عمل نه ٿيو ۽ نه ئي وري ان کي اڳتي وڌايو ويو. 2018ع جي فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي عملدرآمد جو آغاز ڪندي فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون. هڪ ارب ساليانو لاڳت سان بائنڊنگ فلم فنانس فنڊ قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ فنڪارن جي لاءِ ميڊيڪل انشورنس پاليسي شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته فلمسازن کي 5 سالن جو ٽيڪس هاليڊي، نوان سئنيما گهر، پروڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيم قائم ڪرڻ جي لاءِ 5 سالن لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ 10 سالن جي لاءِ فلم ۽ ڊرامي جي ايڪسپورٽ تي ٽيڪس ري بيٽ جڏهن ته سئنيما ۽ پروڊيوسرز جي آمدني کي انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هڪ ارب جي لاڳت سان نيشنل فلم انسٽيٽيوٽ ۽ پوسٽ فلم پروڊڪشن فيسيلٽي کانسواءِ نيشنل فلم اسٽوڊيو قائم ڪيو ويندو. سئنيما پروڊڪشن هائوسز، فلم ميوزيمز، پوسٽ پروڊڪشن فيسيلٽي کي سي ايس آر جو درجو ڏنو پيووڃي. غيرملڪي فلمسازن کي مقامي سطح تي فلم ۽ ڊرامي جي گڏيل منصوبن تي ري بيٽ ڏنو پيو وڃي، ان تي 70 سيڪڙو مواد جي پاڪستان ۾ شوٽنگ جو شرط لاڳو هوندو ته جيئن مختلف علائقن جي مارڪيٽنگ سان سياحت ۽ ثقافت وڌي ويجهي، روزگار، نوجوانن جي هنرمندي سميت ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملي، ڊسٽريبيوٽر ۽ پروڊيوسرز تي لاڳو 8 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي، فلم ۽ ڊرامن جي لاءِ مشينري، اوزارن ۽ ساز و سامان جي امپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي تان 5 سالن جي ڇوٽ حاصل هوندي. فنانس بل 2022ع ذريعي ڪسٽم ايڪٽ 1969ع، فنانس بل 2018ع ۾ ترميم ڪري نئين فلم ڊرامن جي لاءِ اوزار گهرائڻ تي سيلز ٽيڪس ٻُڙي ۽ اينٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، انهن قدمن سان ملڪي فلمي صنعت بحال جڏهن ته دنيا سان پاڪستان جي ميڊيا جو ٽٽي ويل سلسلو ٻيهر بحال ٿيندو، نئين ٽيلنٽ جي حوصلا افزائي خاطر نوجوانن کي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 800 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 18 – 2017ع ۾ اسان وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپيا ڇڏي ويا هئاسين ۽ هاڻي جڏهن اسان حڪومت سنڀالي آهي ته اهو اٽڪل اڌ رهجي ويو آهي، وفاقي حڪومت کي پنهنجي آمدني مان اهڙو انفراسٽرڪچر بڻائڻ گهرجي جيڪو سڄي ملڪ لاءِ ڪم اچڻ گهرجي، انهن ماڻهن غفلت ۽ غيرزميواري جو مظاهرو ڪندي گوادر بندرگاهه تي ڪم ڪري ڇڏيو، گوادر جيڪا هن علائقي جي سڀ کان گهيري پاڻين جي بندرگاهه آهي، هن وقت واريءَ ۽ گاري سان لَٽي پئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت منهنجي قائد نواز شريف جي ملڪ ۾ موٽروي جي ڄار وڇائڻ جي ويزن کي به نقصان پهچايو ۽ ڄاڻي واڻي چين جي سرحد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين موٽروي جي رستي کي هر هنڌ نامڪمل رکيو ته جيئن ترقي جو اهو رستو ڪٿي پاڪستان ۾ خوشحالي نه آڻي ڇڏي. اهڙي طرح هنن سڄي پاڪستان کي پاڻ ۾ ملائيندڙ ايم ايل ون کي جديد بڻائڻ جي لاءِ محمد نواز شريف جي خواب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ۽ پاڪستان کي جديد بڻائڻ جي لاءِ هن اهم منصوبي کي شروع ٿيڻ ئي نه ڏنو، پوڻا چئن سالن تائين عمران خان صرف ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ ڪم ٽڪي جو به نه ڪيو ۽ اهڙي طرح قوم جو انتهائي اهم وقت ضايع ڪري ٻيهر هيليڪاپٽر تي ويهي بني گالا هليو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون ترقياتي پروگرام جي ترجيحن بابت آگاهي ڏيندس. اسان جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏينداسين ته جيئن انهن تي لڳل پئسا ضايع نه ٿين، آبادي گهٽ هجڻ جي باوجود سڀ کان وڌيڪ رقم بلوچستان جي ترقي تي خرچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن بلوچستان کي ملڪ جي باقي حصن جي برابر آڻي سگهجي. صوبن ۽ خصوصي علائقن (آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان) جي لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيم اسان جي سڀ کان وڏي ترجيح آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم موجب مهمند ڊيم ۽ ديامر ڀاشا ڊيم کي وقت کان پهرين مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اضافي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. چين جي سرحد کان ٻنهي بندرگاهن کي ملائيندڙ رستن جي سلسلي کي مڪمل ڪيو ويندو. سي پيڪ تحت انفراسٽرڪچر ۽ اقتصادي زونز جي منصوبن ۾ تيزي آڻي قومي ترقي جي رفتار وڌائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انفراسٽرڪچر جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سدائين وانگر ملڪي ضرورتن موجب انفراسٽرڪچر جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. مجموعي طور تي ان جي لاءِ 395 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ ک بهر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي، بجلي جي شعبي لاءِ 73 ارب روپين جي رقم مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن مان 12 ارب روپيا وزيراعظم جي اعلان موجب مهمند ڊيم جي جلد پڄاڻي لاءِ خرچ ڪيا ويندا، پاڻي جو اهو ذخيرو زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ان منصوبي جي جلد پڄاڻي سان آبادگارن کي فائدو پهچندو، توانائي سان ڳنڍيل شعبو آبي وسيلن وارو آهي، وڏي گهڻ رخي مقصدن لاءِ ڊيم خاص طور تي ديامرڀاشا، مهمند ، داسو، نئين گاج ڊيم ۽ ڪمانڊ ايريا پروجيڪٽ لاءِ بجيٽ ۾ سئو ارب روپين جي رقم شامل ڪئي آهي، جڏهن ته ننڍن ڊيمن، پاڻي جي نيڪاسي جي اسڪيمن، گهٽ ترقي يافته ضلعن کي ترجيح ڏني وئي آهي، توانائي ۽ آبي وسيلن جا پروجيڪٽ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن جنهن جي لاءِ 183 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته شاهرائن ۽ بندرگاهن لاءِ 202 ارب روپيا رکيا ويا آهن، عوام کي مواصلات جي سهولتن سان نه رڳو صنعت ۽ واپار کي ترقي ملندي آهي پر آبادگارن کي منڊين تائين پهچ ملندي آهي، جڏهن ته لکين ماڻهن کي روزگار به مهيا ٿيندو آهي، اهو ماضي ۾ اسان جو طريقو رهيو آهي ته اسان موٽرويز شروع ڪريون، ان جي پڄاڻي ڪئي، ۽ اڄ اهي موٽرويز لکين ماڻهو روزاني جي بنياد تي استعمال ڪري رهيا آهن، حڪومتي سيڙپڪاري کانسواءِ اسان شاهرائن جي تعمير لاءِ غير سرڪاري سرمايو به استعمال ڪري رهيا آهيون، نجي شعبي جي سهڪار سان روڊ تعمير ڪرڻ کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. پاڪستان ايس ڊي جي ايس جو سنگنيٽري آهي، ۽ ايس ڊي جي ايس جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان پروگرام ۾ عوام کي سڌو سنئون شهري سهولتون ڏنيون پيون وڃن، عوام جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ عوام جي خدمت لاءِ 70 ارب روپين جي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي ان کانسواءِ سماجي شعبي ۾ ڪيترين ئي ٻين اسڪيمن لاءِ 40 ارب روپيا رکيا ويا آهن، هن چيو ته اسان جي حڪومت جاري پراجيڪٽس جي پڄاڻي کي ترجيح ڏني آهي، بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم جي مصنوبن لاءِ 51 ارب روپين جي رقم رکڻ جي تجويز آهي، عوام کي صحت جي بهتر خدمتن جي فراهمي، ڪيترن ئي بيمارين جي روڪٿام ۽ ان تي ضابطو آڻڻ، طبي اوزارن جي فراهمي، ويڪسينيشن ۽ صحت جي اداري جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ 24 ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. هن مشڪل وقت ۾ به اسان ماحولياتي تبديلي جي اهميت کان عافل نه آهيون ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تقريبن 10 ارب روپيا رکيا ويا آهن، ان ۾ وڻڪاري ۽ قدرتي ماحول بهتر بڻائڻ جا ٻيا منصوبا شامل آهن، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ ۽ نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ، نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ آءِ ٽي برآمدات کي فروغ ڏيڻ لاءِ 17 ارب روپيا مختص ڪيا آهن، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ مشينري جو استعمال وڌائڻ، ليزر سان زمين هموار ڪرڻ، آبپاشي ۾ جدت آڻڻ، معياري ٻجن جي فراهمي ۽ زرعي پيداوار جي برآمد لاءِ 11 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ ضروري انفرااسٽرڪچر ۽ سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ايندڙ سال جي منصوبن ۾ شامل آهن، ته جيئن ملڪي ۽ عالمي منڊين ۾ مارڪيٽ شيئر ڪرڻ کي وڌائي سگهجي. اعليٰ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ويليو ايڊڊ روانگي واپار، موثر مانيٽرنگ، معدنيات جي شعبي ۽ انڊسٽري جي ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب روپيا تجويز ڪيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته جيئن ته سڀ ڄاڻن ٿا ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ميسر نه آهي ۽ نه ئي ٽيڪس جو موجوده نظام انٽرپرينيور شپ جي حوصلا افزائي ڪندو آهي پر اهي نئين ڪاروبار جي حوصلا شڪني ڪندا آهن، جڏهن ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندا آهن ته يقينن هڪ ناخوشگوار پهلو آهي ۽ اهو معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي، اهو ريئل اسٽيٽ جي قيمت ۾ مصنوعي اضافي جو سبب بڻجندو آهي جنهن سان رهائشي سهولتون وچولي طبقي ۽ عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي وينديون آهن. هن نان پراڊيڪيٽو سيڙپڪاري سان حاصل ٿيندڙ رقم هڪ طرف مهانگائي جو سبب بڻجندي آهي ته ٻئي طرف معاشري ۾ بي چيني جو ذريعو بڻجندي آهي، اسان ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جي حوصلا شڪني نٿا ڪرڻ چاهيون، پر اسان ان شعبي کي اهڙي رخ ۾ وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جتي اهو شهرين جي ترقي جو انجڻ بڻجي سگهي، اسان جي تجويز جو مقصد ورٽيڪل ڪنسٽرڪشن جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي، ان سان غير تعمير شده پلاٽن ۾ اسپيڪيوليشن تي ٻڌل سيڙپڪاري جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي، اها حڪومت ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، اها بدقسمتي رهي آهي ته انڪم ٽيڪس وصولي جو وڏو حصو ود هولڊنگ ٽيڪس تي ٻڌل آهي، حقيقت ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس جو نظام نه رڳو ٽيڪس جي ڍانچي ۾ بگاڙ پيدا ڪندو آهي پر ڪاروبار ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو سبب بڻجندو آهي، اسان جي حڪومت جو مقصد ان بگاڙ جو خاتمو ڪرڻ آهي، اسان جي ترجيحن ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس جو تعداد گهٽ ڪرڻ، فائنل ٽيڪسز کي منيمم ٽيڪس ۾ تبديل ڪرڻ ۽ مينيمم ٽيڪس کي ايڊجسٽ ايبل ٽيڪس ۾ بدلائڻ آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته هاڻي آئون انڪم ٽيڪس ۾ رليف ميئرس جي حوالي سان ڪجهه تجويزون پيش ڪريان ٿو ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي معاشري ۾ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آهي پر ان جي باوجود انهي طبقي تي ٽيڪس جو اضافي بار به وڌو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي حڪومت پگهاردار طبقي جي معاشي پريشاني جي ازالي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جي موجوده حد لک کان وڌائي 12 لک ڪرڻ جي تجويز آهي، ان سان پگهاردار طبقي کي فائدو ٿيندو، جنهن سان هڪ مثبت معاشي سائيڪل پيدا ٿيندو ۽ اها رقم ڪاروبار ۾ اضافي جو سبب بڻجندي، ان کانسواءِ ان سان پگهادار طبقي جي انڪم ڊسپوزيبل ۾ اضافو ٿيندو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙين جي ذريعي قومي معيشت کي به فائدو ٿيندو، مهانگائي کي نظر ۾ رکندي بزنس انڊيوزيل ۽ اي او پي ايس جي لاءِ ڇوٽ جي بنيادي حد 4 لک کان وڌائي 6 لک ڪرڻ جي تجويز آهي، هن وقت بهبود سيونگ سرٽيفيڪٽس، بئنڪ پينشرنز بينيفٽ اڪائونٽ ۽ شهيدن جي فيملي ويلفيئر اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري مان حاصل ٿيندڙ منافي تي وڌ کان وڌ 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، ان کي گهٽ ڪري پينشنرز کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته ننڍي ريٽيلز لاءِ سيلز ٽيڪس ۽ فڪسڊ انڪم جو نظام تجويز ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ٽيڪس جي وصولي بجلي جي بلن سان گڏ ڪئي ويندي، رجسٽريشن ۽ رپورٽنگ جو آسان نظام آندو ويندو جيڪو ريٽيلرز جي لاءِ آسان هوندو، اهو ٽيڪس 3 هزار کان 10هزار روپين تائين هوندو اها هڪ فائنل سيٽلمينٽ هوندي، آئون ان ڳالهه جي ضمانت ڏيان ٿو ته ان ٽيڪس جي ادائيگي کانپوءِ ايف بي آر توهان کان ان حوالي سان ڪو به سوال پڇڻ جو مجاز نه هوندو، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته صنعتي ادارن ۽ ٻي ڪاروبار کي پهرين سال ۾ 50 سيڪڙو انيشل ڊپريسيشن چارجز کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي اجازت آهي، جيڪا صنعتي ادارن لاءِ اضافي جو بار ۽ مالي مشڪلاتن ۾ سبب بڻجي رهيو آهي، تنهن ڪري آئون انيشل ڊپريسيشن جي مد ۾ پهرين سال سئو سيڪڙو ايڊجسٽمينٽ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز پيش ڪريان ٿو. موجوده ٽيڪس نظام ۾ خام مال جي درآمد تي وصول ڪيل ايڊوانيس انڪم ٽيڪس عام طور تي ايڊجسٽ نٿو ڪري سگهجي جنهن سان ڪاروباري طبقي جي ورڪنگ ڪيپيٽل کي شديد نقصان پهچندو آهي ۽ ان جو ڪاروبار بري طرح متاثر ٿيندو آهي، تنهن ڪري اها تجويز ڏني وڃي ته درآمد جي وقت صنعتي ادارن مان حاصل ٿيندڙ سڀني ٽيڪسن کي ايڊجسٽ ايبل قرار ڏنو وڃي، آئون هاڻي بجيٽ کي عوام دوست نقطن ۽ معيشت جي پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي فروغ لاءِ تجويز پيش ڪريان ٿو. منهنجون اهي تجويزون غير پيداواري شعبن ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري کي پيداواري شعبن طرف منتقل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته صاحب حيثيت ماڻهو جي دولت جو وڏو حصو پاڪستان جي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ موجود آهي، اها ٻن منهن واري تلوار آهي ان سان هڪ طرف نان پراڊيڪٽو ايسٽ جمع ٿيندا آهن ته ٻئي طرف غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ گهرن جون قيمتون وڌي ويندو آهن تنهن ڪري اسان ان عدم توازن کي درست ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، تنهن ڪري اهي سڀئي ماڻهو جنهن جون هڪ کان وڌيڪ ايموايبل پراپرٽي پاڪستان ۾ واقعي آهي ۽ جنهن جي ماليت 25 ملين روپين کان وڌيڪ آهي ان تي فيئر مارڪيٽ ويليو جو 5 سيڪڙو جي برابر فرضي آمدن/ڪرايو تصور ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ پراپرٽي جي فيئر مارڪيٽ ويليو جي هڪ سيڪڙو ٽيڪس جي شرح موثر ٿيندي، جيتوڻيڪ هر ڪنهن جو هڪ عدد ذاتي رهائشي گهر ان ٽيڪس کان آجو هوندو. موجوده معاشي مشڪلاتون صاحب حيثيت ماڻهو کان ايثار جو جذبو ۽ قرباني وارو جذبو گهري ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صاحب حيثيت طبقو اڳتي وڌي قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. تنهن ڪري اسان ٽيڪس جو هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جو ارادو رکون ٿا جتي سڀني طبقن جي اثاثن تي برابر طريقي سان ٽيڪس لڳايو وڃي، هاڻي پاڪستان ۾ واقع ايموايبل پراپرٽي جي ڪيپيٽل گين تي هڪ سال هولڊنگ پريڊ جي صورت ۾ 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪا هر سال اڍائي سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 6 سالن جي هولڊنگ پريڊ جي صورت ۾ ٻڙي ٿي ويندو، وڌيڪ فائلرز جي لاءِ پراپرٽي جي خريد ۽ وڪري تي ايڊوانس ٽيڪس جي شرح موجوده شرح هڪ سيڪڙو کان وڌائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي جڏهن ته نان فائلرز جي حوصلا شڪني ڪرڻ لاءِ پراپرٽي جي خريدارن لاءِ ايڊوانس ٽيڪس جي شرح واڌئي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته ڪير نٿو ڄاڻي ته پاڪستان هن وقت سنگين معاشي حالتن جي ور چڙهيل آهي، تنهن ڪري وقت جي اهم گهرج آهي ته جائيداد رکندڙ طبقو اڳتي وڌي ۽ پنهنجي وسيلن ۽ آمدني موجب پنهنجي حصي جو پورو ٽيڪس ادا ڪري، اهم قومي ذميداري نڀائي ۽ غريبن جون دعائون کٽي، وقت اچي ويو آهي ته ٽيڪس جو بار غريب کان امير طرف منتقل ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن سميت ڪمپنيون ۽ اي او پي ايس جن جي سالياني آمدني 300 ملين يا ان کان وڌيڪ هجي ان کي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ جي تجويز آهي. صاحب حيثيت طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ جي ان پاليسي جي تسلسل ۾ 1600 سي سي کان وڌيڪ جي موٽر گاڏين تي ايڊوانس ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي، ان کانسواءِ اليڪٽرڪ انجڻ جي صورت ۾ قيمت جي 2 سيڪڙو جي شرح سان ايڊوانس ٽيڪس به وصول ڪيو ويندو، اهڙي طرح نان فائلرز جي لاءِ ٽيڪس جي شرح کي موجوده سئو سيڪڙو کان وڌائي 200 سيڪڙو ڪيو ويندو، بئنڪنگ سيڪٽر اعليٰ شرح وياج ۽ سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي ڪري غير معمولي آمدني حاصل ڪئي آهي، تنهن ڪري ٽيڪس جي حقيقي صلاحيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ ڪمپنين ۾ ٽيڪس جي موجوده شرح 39 سيڪڙو کان وڌائي 42 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن ۾ سپر ٽيڪس به شامل آهي. ٽيڪس جي لاڳو کي يقيني بڻائڻ لاءِ رهائشي شخص کي پابند ڪرڻ جي معيار ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، صاحب حيثيت ماڻهو پاران موجوده سسٽم جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت هو ڪنهن به ملڪ جو ٽيڪس ريزيڊنٽ نه آهي، تنهن ڪري تجويز آهي ته پاڪستان جو ڪوبه شهري جيڪو ڪنهن ٻي ملڪ جو ٽيڪس ريزيڊنٽ نه آهي ان تي پاڪستان جو ٽيڪس ريزيڊنٽ سمجهيو ويندو، هن چيو ته ڪريڊٽ، ڊيبٽ ۽ پري پيڊ ڪارڊن جي ذريعي پاڪستان کان ٻاهر رقم موڪليندڙ فائلرز جي لاءِ هڪ سيڪڙو ۽ نان فائلرز ماڻهن کان ٻه سيڪڙو جي شرح کان ايڊوانس ود هولڊنگ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اهو ٽيڪس واجب ادا ٽيڪس جي خلاف ايڊجسٽ ايبل هوندو، ان ڊائريڪٽ ٽيڪس جي وصولي۾، ان لينڊ روينيو، ايف بي آر جي مجموعي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ صحتمند اضافو ڪيو آهي، مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي اهو ضروري آهي ته حڪومت وسيع تر قومي مفاد ۾ سخت فيصلا ڪري ۽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت عملي طور تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو اهڙا فيصلا وٺڻ جي صلاحيت ۽ ارادو رکي ٿي. سيلز ٽيڪس روينيو اصل ۾ قومي اوڳاڙين ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکندو آهي، پر وزيراعظم جي ويزن موجب موجوده بجيٽ جي تجويزن جو مقصد ان شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ آهي، جيڪي يا ته ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهجي ويا آهن يا دائري ڪار ۾ رهندي پنهنجي اصل صلاحيت موجب ٽيڪس ادا نه ڪري رهيا آهن. جتي حڪومت وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب ٽيڪس بيس کي وسيع ڪري ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن تي ڌيان ڏئي اوڳاڙين ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي، اتي ئي حڪومت ٽيڪسن ۾ رليف کي به وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن ملڪ ۾ عام ماڻهو کي فائدو پهچي سگهي، پاڪستان توانائي جي شديد کوٽ جو شڪار آهي، تيل جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن جنهن جي ڪري ٿرمل انرجي مهانگي آهي، تنهن ڪري سولر پينلز جي درآمد ۽ مقامي سپلائي کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي، ان کانسواءِ 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي سولر سسٽم جي خريداري تي بئنڪن کان آسان قسطن تي قرض ڏياريا ويندا، ان سان ماحول دوست طريقي سان بجلي پيدا ڪرڻ تي فروغ حاصل ٿيندو ۽ درآمد ٿيندڙ مهانگي تيل ۽ گئس جي استعمال ۾ گهٽتائي واقعي ٿيندي، زراعت کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽريڪٽرن، زرعي اوزارن، ڪڻڪ، مڪئي، ڪينولا، سورج مکي ۽ چانورن سميت مختلف جنسن جي ٻجن جي سپلائي تي سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ جي تجويز آهي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته خيراتي اسپتالون صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، خيراتي اسپتالن کي درآمد، عطين ۽ 50 يا ان کان وڌيڪ بسترن واري خيراتي، غير منافعي بخش اسپتالن کي بجلي سميت مقامي سپلائيز تي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي، ٽيڪس پيئرز کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ الٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن جي ميڪنيزم جي اندر بنيادي تبديليون تجويز آهن، جنهن موجب هاڻي ٽيڪس پيئر جنهن تي 10 ڪروڙ يا وڌيڪ جي ٽيڪس ڊمانڊ هجي اهي اي ڊي آر سي مان فائدو وٺي سگهن ٿا، نئين ميڪنيزم تحت ٽيڪس ڏيندڙ اي ڊي آر سي ۾ پنهنجو نمائندو پنهنجي مرضي سان نامزد ڪري سگهي ٿو، ٻيو نمائندو ايف بي آر جو آفيسر ۽ ٽيون نمائندو ٽيڪس پيئر ۽ ايف بي آر جي گڏيل رضامندي سان نامزد ڪيو ويندو، ان ميڪنزم جي ڪري ٽن مان ٻه ميمبر ٽيڪس ڏيندڙ جي مرضي سان نامزد ٿيندا، نه رڳو قانون ۽ حقيقتن جي حوالي سان سوال به ڪميٽي ۾ آڻي سگهجن ٿا ۽ فيصلو اتفاق راءِ بدران اڪثريت راءِ سان ٿيندو، تنهن ڪري آئون سڀني اهڙن ٽيڪس ڏيندڙن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو ان سهولت مان ڀرپور فائدو وٺن، آئون سڀني ڪاروباري ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو عدالت کان پنهنجا ڪيس واپس وٺن ته حڪومت فوري طور تي انهن سان گڏ اي ڊي آر سي جي ذريعي معاملا طئي ڪري وٺندي، ان طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ سان عدالتن تي بار گهٽ ٿيندو ۽ عوام کي سهولت ميسر ايندي. هن چيو ته ان بجيٽ ۾ زراعت بابت فارم ميڪانائزيشن ۽ لاجسٽڪس لاءِ ڪيترائي امدادي قدم کنيا ويا آهن، زرعي شعبي ۽ ملڪ ۾ موجوده آبادگارن ڀائرن کي رليف ڏيڻ لاءِ زرعي مشينري تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سان آبپاشي، پاڻي جي نيڪاسي، پوکي، فصلن جي ڪٽائي ۽ ان جي پروسيسنگ، گرين هائوس فارمنگ ۽ ٻوٽن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اوزار وغيره شامل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين زرعي شعبن جي ساز ۽ سامان، مشينري ۽ زرعي شعبي تي قائم صنعتن لاءِ به ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ صنعتي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف مينوفيڪچرنگ سيڪٽر بابت تقريبن 400 ٽيرف هيڊنگز تي ڪسٽمز ديوٽي، اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگوليٽري ڊيوٽي کي ريشنلائيز ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ريگوليٽري ڊيوٽي نظام جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي کي يا ته ختم ڪيو ويو آهي يا ته گهٽ ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ريگوليٽري ڊيوٽي ان لاءِ لڳائي وئي آهي ته مقامي صنعتن کي تحفظ ڏنو وڃي، جيتوڻيڪ ٽيڪسٽائيل جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري ان تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو آهي ان لاءِ ان شعبي جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪندي مصنوعي داڳي تي ٽيرف جو ڍانچو ريشنلائيز ڪيوويو آهي، فارما سيوٽيڪل سيڪٽر جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي 30 کان وڌيڪ ايڪٽو فارما سيوٽيڪل انگريڊينٽس کي ڪسٽم ڊيوٽي کان مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ فرسٽ ايڊ بينڊيجز ٺاهڻ واري صنعت جي خام مال کي به ڪسٽم ڊيوٽي کان وڌيڪ ڇوٽ ڏني وئي آهي، جيتوڻيڪ ان اهم ميڊيڪل ايٽم جي مقامي سطح تي پيداوار جي لاڳت وڌيڪ گهٽ ٿي سگهي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ ٽيرف کان ڇوٽ ۽ رعايت ڏني وئي آهي. ڄاڻايل تجويزون اصل ملڪي معيشت کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ، ملڪ ۾ هڪ شفاف ۽ موثر ٽيڪس نظام لاڳو ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۽ هر ممڪن سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن تي عملدرآمد جي ذريعي حڪومت جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ جي عمل ۾ يقينن مدد ملندي، ملڪ ۾ ٽيڪس ايويشن جو ڪاٿو 3 هزار روپيا آهي، ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ هڪ جامع پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن جي ذريعي چڱي خاصي وصولي ٿيندي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ هن وقت شديد مالي بحران جو شڪار آهي، پر پوءِ به اسان کي سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، قيمتن ۾ اضافي جي ڪري ماڻهن جي خريداري واري قوت تمام گهڻي متاثر آهي، خاص طور تي پگهار واري طبقي جي پر ان شديد مالي مشڪلاتن ۽ وسيلن جي گهٽتائي جي باوجود سرڪاري ملازمن جي لاءِ رليف وارا قدم کنيا پيا وڃن، خاص طور تي سرڪاري ملازمن جي خريداري واري قوت بهتر بڻائڻ لاءِ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، سڀ ڄاڻن ٿا ته ملڪي معيشت سخت دٻاءُ ۾ آهي پر اهو به سڀن ڄاڻن ٿا ته اسان سدائين قوم جي خدمت کي پنهنجي ترجيح سمجهيو آهي، ان ڪن مان نڪرڻ لاءِ عوام جا نمائندا اتحادي حڪومت ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪندي، اسان توهان سان واعدو ڪريون ٿا ته عوام جي پرزور حمايت ۽ الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت کي ان بحران مان ڪڍنداسين، آخر ۾ منهنجي سڄي قوم کي اپيل آهي ته ملڪ هن وقت جن حالتن جي ور چڙهيل آهي ان جي اصلاح لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي سڄي توانائي ۽ ڌيان ملڪي ترقي تي ڏيڻ گهرجي، اسان کي هم آهنگي ۽ ڀرپور جذبي سان ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ثابت ڪرڻو پوندو ته اسان هڪ زنده قوم آهيون.