ڀارتي ظلم باوجود ڪشميري عوام جو عزم ۽ پاڪستان سان ويجهو رشتو اڳ وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهي: پرڏيهي وزير

image

اسلام آباد-19جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي والاريل ڪشمير جي عوام جي ڀارت جي غير قانوني قبضي کان آزادي واري جدوجهد ۾ پاڪستان جي غيرمتنزل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ پاڪستان پاران  ڀارت جي غير قانوني قبضي کان آزادي لاءِ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪندي چيو  ته  1947 ۾ اڄ جي ڏينهن ڄمون ڪشمير جي حقيقي نمائندن پاڪستان سان الحاق لاءِ هڪ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو هو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام