اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جو بيانيو جمه??ري نه آهي، 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جو اعتراف عالمي ادارن به ڪيو، ڇا مخالف ڌر چونڊ ڌانڌلي جو معاملو اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ يا پارليامينٽ ۾ اٿاريو، توهان وٽ ڌانڌلي جا ثبوت ڪهڙا آهن، اسان جي تحريڪ ۽ انهن جي تحريڪ ۾ فرق اهو آهي ته اسان هر جمه??ري فورم کي استعمال ڪيو ۽ هي هر غير جمه??ري حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم جي صدارت اهڙو شخص ڪري رهيو آهي جنهن جي پنهنجي گهر ۾ عزت نه آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي خلاف ڪرپشن ڪيسز جي باري ۾ جواب ڏيڻ بدران ڌمڪين تي لهي آيو آهي، حق ۽ سچ جو آواز ??لن?? ڪندڙن کي پارٽي م??ن ڪڍڻ ڪهڙي جمهوريت آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پارٽي ۾ غير ضر??ري ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم ته ائين ئي دم ٽوڙي چڪي آهي، ذاتي مفادن ??ي لاءِ مدرسن جي ٻارن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.