اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي وا??ار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي وا??ار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان سان ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ من??وبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو من??وبو آهي ۽ افغانستان ان من??وبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن سان وا??ار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.