اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??را??ظم عمران خان کي ڇانگا??ان??ا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگا??ان??ا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کا?? محروم ڪري بنجر بڻايو ويو. وز??را??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده ??ڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وز??را??ظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده ??ڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.