اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان پاران مديني جي رياست جي ويزن تحت سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن جي ذريعي وزيراعظم ??فيس جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي واعدي موجب مالي سال 2020ع ۾ وزيراعظم ??فيس جي روز مره (آپريٽنگ) خرچن جي مد ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي. وزيراعظم ??مران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ۽ وزارت عظميٰ جو م??صب سنڀال?? وقت وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم ??فيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ڏس ۾ مثال قا??م ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم ??مران خان عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ حاصل ڪيل قومي ناڻي جي تحفظ لاءِ نه رڳو وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم ??فيس جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر عوام جي پئسن جي ممڪن تحفظ لاءِ ٻين حڪومتي عهديدارن جي لاءِ به هڪ مثال قا??م ڪيو ج??هن جي تصديق مالي سال 20 -2019ع جي بجيٽ ۽ ناڻي واري وزارت جي دستياويزن مان به ٿي رهي آهي، بجيٽ ۽ سرڪاري دستاويزن موجب وزيراعظم ??فيس جي لاءِ آپريٽنگ خرچن جي مد ۾ مالي سال 2020ع ۾ 218 ملين روپيا مختص ڪيا ويا هئا، ت??هن هوندي به ڪفايت شعاري جي اصولن تي ڪاربند رهندي ڪل خرچن جو ڪاٿو 46 ملين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو مختص ڪيل بجيٽ کان گهڻو گهٽ آهي. عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيل پئسن جو م??ثر ۽ بامقصد استعمال جي ذريعي سفر ۽ ٽرانسپورٽ خرچن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي بچت ڪئي وئي آهي.