اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قدمن کي تبديل نٿو ڪري، ان وقت تائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي نٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن ??يو ته حڪومت ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي خواهشمند آهي پر ائين ڪشمير جي قيمت تي ڪڏه?? به نٿو ٿي سگهي، هن ??يو ته ڪابينا خيبرپختونخوا جي طرز تي اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير ??يو ته ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي قيمت 4225 روپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسپوٽنگ ويڪسين جي قيمت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ طئي ڪئ?? ويندي، هن ??يو ته ڪابينا ڪنه?? به دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کانسواءِ 43 دوائن جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي آهي، فواد چوڌري ??يو ته وزيراعظم عمران خان سمورين وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، هن ??يو ته براڊشيٽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾، ڪابينا ان معاملي ۾ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فواد چوڌري ??يو ته کنڊ بحران پيدا ڪرڻ ۾ ملوث مافيا جي خلاف به ڪارروائي ڪئ?? ويندي، هن ??يو ته وزيراعظم اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي واکاڻ ??ئي ۽ جيڪا چونڊ طريقيڪار ۾ شفافيت آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.