اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته مديني جي رياست وانگر جنهن به قوم معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي بالادستي جو اصول اختيار ڪيو ان قوم ترقي ڪ??ي، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غ??بت مان ڪڍيو، اسان انهي ماڊل تي عمل ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ان سلسلي جي ڪڙي آهي?? ور??ڊ بئنڪ موجب ڪورونا وائرس سبب متاثر طبقي کي فوري ۽ شفاف انداز ۾ مدد ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي. هو احساس بچت بئنڪ اڪائونٽ پروگرام جي آغاز تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر به خطاب ڪيو، وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي ??يو ته هو ورلڊ بئنڪ پاران احساس پروگرام کي سيفٽي نيٽ جو ڪووڊ جي دوران دنيا جو چوٿون بهترين پروگرام قرار ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر، احساس جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.