اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ??لڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مضبوط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ ??ائ??دار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻ?? تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مضبوط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ??لڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻ?? تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي ??ائ??دار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعميري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي ع??م کي ورجائيندي وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن چيو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي نوعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.