اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي وسيع امڪان رکندڙ م??لسل پکڙجندڙ عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪن. هو جوائنٽ ڪلچرل سوسائٽي فار ڪميونيٽيز ڪوليبريش?? جي اهتمام هيٺ ”ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود ڪاروباري رخ“ جي عنوان سان منعقد عالمي ويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ويبينار جو اهتمام ڊيجيٽل دنيا جي ويزن، رجحانن ۽ مصنوعي ذهانت ۾ تازي ترين تبديلين تي غور ۽ نوجوان?? جي ڪردار تي خيال?? جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو هو جنهن ۾ سڄي دنيا مان ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا جي پروسيسنگ، مصنوعي ذهانت جي تجزيي، توانائي ۽ ٿري ڊي مينوفيڪچرنگ جنهن ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا، سوشل نيٽ ورڪنگ سميت ٻيا معاملا شامل آهن، انهن شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت تربيت يافته نوجوان?? جي خواهش موجب ٽيڪنالاجي جي دنيا جي لاءِ انساني وسيلا تيار ڪيا آهن، ڊيجيٽل م??ارت جي پروگرام ذريعي 24 لک مان درخواست ڏيندڙ 16 لک ماڻهو ايندڙ م??حلي ۾ هليا ويا، ان کانسواءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پڻ مفت ڪورسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن عوام تي زور ڏنو ته اها سافٽ ويئر ۽ سمارٽ ايپس کي تيار ڪرڻ سکي ڇو ته سمارٽ ايپس ڊيولپرز ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳولا ۾ آهن، چين مختلف ايپلي ڪيشنز کي ڊيولپ ڪندي ڪندي پنهنجو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو.