پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيد ??وان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد ??ي والد محمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موق??ي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته بابر حفيظ شهيد ??هشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ ق??م جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد ??ي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد ??وانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پاڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد ??ابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.