ماسڪو – 24 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي توانائي بابت نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ماسڪو ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان ر??سي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي.