اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ جي ل??ءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ف??وغ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ ف??وغ ل??ءِ پارليامينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غ??ر قانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي ل??ءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي ف??وغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن جي ڪردار ??ي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻائڻ ل??ءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.