اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجيريا جي وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفو تعاون واکاڻ جوڳو آهي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري سان نسل پرستي ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جو خاتمو ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي کي فروغ ملندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??اري بيان موجب نائيجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي ميگاشي وزيرا??ظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ قدرن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي کي ساراهيو. آفريقا ۾ مارچ 2020ع کان نائيجيريا جي معيشت جي ٽاپ پوزيشن سنڀالڻ تي واکاڻ ڪندي ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيرا??ظم دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي به ساراهيو. گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهتمام هيٺ آفريقا ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان ??ي پراڻي خدمتن ۽ حصيداري کي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم ”انگيج آفريقا“ جي پنهنجي پاليسي کان ??گاهه ڪيو جنهن جو مقصد سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ آفريقا کنڊ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي، وزيرا??ظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ازالي جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي متفقه منظوري کي ساراهيندي چيو ته جنرل اسيمبلي پاران ??ن ازالي کانپوءِ نسل پرستي، امتياز ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ بي?? المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيرا??ظم ان موقعي تي نائيجيريا جي صدر محمد بخاري سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد کان ??لد موقعو ملڻ تي پاڪستان ۾ سندس آجيان ڪندا.