اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ??يڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ??يڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، ا??ار?? جي سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪي?? وڃي، مارچ 2017ع کان سينيٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سينيٽ جو ا??ار?? ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سينيٽ جو ميمبر مقرر ڪي?? وڃي، صدر گريجوئيٽس ج?? تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي به زور ڏنو.