ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي ??هي?? ملڪ ۾ ويليوا يڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اها ڳالهه هن ڪراچي کان تقريبن 80 ڪلوميٽر پري نوري آباد ۾ سروس لانگ مارچ (ا??س ايل ايم9 ٽائر فيڪٽري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌ??يو ته ا??س ايل ايم فيڪٽري جو قيام چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو ??هي?? صدر خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. هن چيو ته 2013- 2018ع دوران ٽائرن جي اسمگلنگ ۾ اضافو ڏٺو ويو پر هاڻي ملڪ ۾ ٽائرن جي تياري سان اسمگلنگ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چين جي حڪومت ۽ ان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته زراعت، آٽو ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شعبا آهن جتي اسان چيني ڪمپنين سان تعاون ڪري سگهون ٿا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ ان جي عوام جي لاءِ فائديمند ٿيندو. ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌ??يو ته ملڪ ۾ ويليو ايڊيشن جي ذريعي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، هن ٻڌ??يو ته اسٽي?? بئنڪ ??ف پاڪستان جي گورنر ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪري شاندار ڪم ڪيو ??هي?? هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڪ هولڊر کي پاليسي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن بئنڪنگ ۽ ٻين شعبن ڪيو ??هي?? ان موقعي تي اسٽي?? بئنڪ ??ي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر چيو ته اسٽي?? بئنڪ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌائن لاءِ عارضي فنانس اڪنامڪ فيسيلٽي (ٽي آر ايف اي) متعارف ڪرائي آهي ۽ ان اسڪيم جي ذريعي خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن، اسٽي?? بئنڪ ??ي گورنر چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ننڍي ڪاروبار جي لاءِ ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي ترجيحي بنيادن تي قرض ڏنا پيا وڃن ان موقعي تي سي اي او ا??س ايل ايم عثمان سعيد چيو ته ا??س ايل ايم ملڪ جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ڪمپني ??هي?? هن وڌيڪ چيو ته اسان منافعو ڪمايو پر ان جو وڏو حصو ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي تي خرچ ڪيو پيو وڃي. سي اي او ٻڌ??يو ته اسان ملڪ ۾ غريب ماڻهن جي خدمت لاءِ اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ ان کانسواءِ ملڪ ۾ ٻين فائونڊيشنز کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي آهي.