اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ??ري??ن ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي ??ار??ن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ??ري??ن ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري ر??يا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي ه?? ممڪن مدد فراهم ڪري ر??يا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.