اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سل??متي ڪم??ٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، ??اڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سل??متي ڪم??ٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪم??ٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سل??متي ڪم??ٽي مواد ۽ ڪم??ونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سل??متي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سل??متي ڪم??ٽي کي پريميئر سيڪيورٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سل??متي ڪم??ٽي ڪم??ونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.