اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي تي صدمي ۽ ڏک جي حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين تان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪر?? رکيو آهي، واقعي جي تيزي سان جاچ ڪنداسين ۽ ڏوهارين ک?? قانون موجب عبرت جو نشانو بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو.
وزيراعظم چين جي ناظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چينين جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چيو ته پورو پاڪستان چين جي حڪومت، ??وا?? ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، چين واسين جي زندگي وٺندڙن ک?? ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائينداسين، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقابل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان ک?? متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين جي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن ک?? ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به هئا.