اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪل??ڪن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪم??ٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪل??ڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو ت??صيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ت?? ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم ??ور??گزيب چيو ت?? وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.